درگاهه جرڪس ديناڻي

درگاهه جرڪس ديناڻي

درگاهه جرڪس ديناڻي

درگاهه جرڪس ديناڻي: هيءَ درگاهه پنڱريو ڳوٺ جي ڏکڻ- اوڀر کان 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ دين محمد ڪنبوهه ڏانهن ويندڙ رستي لڳ ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هن مقبري جي ڀرسان جرڪس جيلانيءَ جو مقبرو پڻ آهي. ٻنهي مقبرن جي ڀرپاسي ۾ ڪي ٻيون پڪسريون قبرون به ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ آهن. هيءُ مقبرو هڪ ڪمري جي ايراضيءَ تي مشتمل پڪين سرن ۽ پلستر سان تعمير ٿيل آهي، ڇت مٿان اٺڪنڊو ڳچ آهي، جنهن جي مٿان هڪ ٻيو ڳچ ۽ سادو گنبذ رکيل آهي. مقبري جي اندر بزرگ جرڪس ديناڻيءَ جي هڪ ئي مزار آهي، جنهن کي چؤڌاري ڪاٺ جو ڪٽهڙو ڏنل آهي. اندرئين فرش تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جي ٽائيلز جي فرشبندي ڪيل آهي. ديوارن جي هيٺين حصي کان اڌ تائين ٽائيلز لڳل آهن. ٻنهي مقبرن ۽ ٻين قبرن جي چؤڌاري پڪين سرن ۽ پٿر جي ڄارين جو احاطو به ڏنل آهي. مقبري کي ٻن پاسن کان ڪاٺ جا دروازا ڏنل آهن. هر سال اپريل جي مهيني ۾ هنن بزرگن جو ميلو عقيدت سان ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو